بندرا بني

بندرا بني (راڳڻي ):ڪافي ٺاٺ جي اوڍو راڳڻي، جنهن ۾ ڌيوت ۽ گنڌار آروهي ۾ ورج آهن ۽ امروهي ۾ صرف گنڌار ورج آهي. ڪي ڌيوت جي لڳي امروهيءَ ۾ ڏيندا آهن. رکب وادي ۽ پنچم سموادي سُرَ آهن ۽ مڌ ماڌ ۾ نکاد سموادي هجي ٿو. ڪي پنڊت لکن ٿا ته نکاد تيور هيشه هئڻ سان بندرا بني، مڌ ماڌ کان الڳ ٿي وڃي ٿي. ٻئي نکادون لڳن ٿيون، آروهي ۾ تيور ۽ امروهي ۾ ڪومل. هي به سارنگ جو قسم آهي .
هن راڳڻي جي خاص تان: سا- ري- پا ما ري- سا- نا پا- نِا سا- ري- پا ما ري- ما پا- ڌي پا ما ري- سا آهي، هن جي آروهي: سا ري ما پا ني سا ۽ امروهيِ سا نا ڌي پا ما ري سا آهي، جڏهن ته وادي سُر رکب ۽ سموادي سُر پنچم آهي. هي راڳڻي ٻپهري جو ڳائبي آهي .


لفظ بندرا بنيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو